مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم جي آمريڪي صدر سان ملاقات، جو بائيڊن پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد جي عزم جو اظهار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان نيويارڪ ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران آمريڪي صدر ٻوڏ سٽيلن جي امداد ۽ بحالي لاءِ ڀرپور سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي  آمريڪي صدر سان ملاقات ٿي آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۾ سوين انسانن جي موت تي افسوس ۽ متاثرن جي پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم يو ايس ايڊ جي سربراهه پاران پاڪستان جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي آمريڪي صدر جو بائيڊن مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو