مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم جو آزاد ڪشمير ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي علائقي باغ ويجھو فوجي گاڏي سان پيش آيل حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي هڪ بيان ۾ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ 9 فوجي جوانن جي پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. شهباز شريف چيو ته مادر وطن جي بچاءُ جو عظيم فرض نڀائيندي شهيد پٽن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم شهيدن جي بلند درجات ۽ پونئرن لاءِ صبر ۽ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ جوانن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. واضح رهي ته آزاد ڪشمير ۾ پاڪ فوج جي گاڏي سان حادثو پيش آيو جنهن ۾ 9 جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب زخمين کي طبي امداد لاءِ سي ايم ايڇ راولپنڊي منتقل ڪيو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو