مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

والاريل ڪشمير ۾ پي آءِ اي جهاز جي لينڊنگ، ڀارتي پوليس ۾ ڀاڄ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪٺوا جي هيرانگر سيڪٽر ۾ پي آءِ اي جي جهاز جي لينڊنگ سان ڀارتي پوليس ۾ ڀاڄ پئجي وئي. اڳ ڪبوتر واري واقعي کانپوءِ هاڻ وري اڏامندڙ کٽولو ڀارتي پوليس ۽ ميڊيا لاءِ خوف جي علامت بڻجي ويو ڇو ته ان تي پي آءِ اي لکيل هو. ڀارتي خابرو اداري پاران سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ موجب گذريل ڏينهن والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪٺوا جي هيرانگر سيڪٽر جي ڳوٺ سوترا چڪ ۾ هڪ جهاز جي شڪل جهڙو ڦوڪڻو جنهن تي پي آءِ اي لکيل هو. ڄمون ڪشمير جي پوليس موجب ان جهاز جهڙي ڦوڪڻي کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان دلچسپ صورتحال ڏسڻ وٽان ملي رهي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو مزاحيا ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ونود نالي هڪ ڀارتي صارف لکيو مذاق کان هٽي ڪري اسان جي ريڊار ان ڦوڪڻي کي نه ڏٺو ۽ جيڪڏهن ڏٺو ته ان کي نشانو ڇو نه بڻايو ۽ زمين تي ڇو لهڻ ڏنو؟ هڪ ٻئي صارف لکيو ته ان ڦوڪڻي کي ميوزيم ۾ رکڻ گهرجي ۽ ان جو نالو “پاڪستان ايوي ايشن ٽيڪنالاجي 2021” رکڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو