مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هيءَ عمران خان جي پهرين ۽ آخري حڪومت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت تبديليءَ جو اصل چهرو آهي، هيءَ خان صاحب جي آخري حڪومت آهي. ٽنڊي الهيار ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي ٽن سالن جي ڪاميابي مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آهي، ڇا اسان جي قسمت ۾ لکيل آهي ته سدائين غريب رهنداسين؟ ٽنڊي الهيار جا ماڻهو نااهل حڪومت کي ڀڄائڻ لاءِ تيار رهن. هن چيو ته سليڪٽڊ حڪومت سدائين ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هڻندي آهي ۽ هاڻ وفاقي حڪومت ماڻهن جي معاشي قتل عام تي لهي پئي آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي افغانستان کان به وڌيڪ آهي. سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به صوبي سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، وڏو وزير کليل ڪچهريون ڪندو، پ پ سدائين غريب ماڻهو کي رليف ڏنو، اهڙي حڪومت گهرجي جيڪا عوام کي رليف ڏئي، پ پ حڪومت عوام کي ننڌڻڪو نه ڇڏيو هو، پ پ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريب جي مدد ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان 50 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪري غريب کان اجهو کسي ورتو، بني گالا جو گهر ريگيولرائز ڪرايو ويو، ڇا اها آهي مديني جي رياست؟

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو