مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هزارين ٻارڙا ارڙي ۽ روبيلا ويڪسين کان محروم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ويڪسينيٽرن جي بائيڪاٽ سبب هزارين ٻارڙا ارڙي ۽ روبيلا ويڪسين کان محروم آھن، جيڪب آباد ۾ ويڪسينيٽرن طرفان ويڪسينيشن مهم جو بائيڪاٽ ڪندي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊو باگو ۾ ويڪسينيٽرن ارڙي ۽ روبيلا ويڪسينيشن مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آھي. مطالبن جي مڃتا تائين بائيڪاٽ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڌاٻيجي بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ ويسينيٽرن طرفان ڪم ڇڏ هڙتال، ارڙي ۽ روبيلا ويڪسينيشن مهم شروع نه ٿي سگهي. دوڙ ۾ به ويڪسينيٽرن ارڙي ۽ روبيلا ويڪسينيشن مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. سندن چوڻ آهي ته برطرف ملازمن جي بحالي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو