مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مڪاني چونڊون: امن امان تي ڪا سوديبازي نه ڪبي: مراد علي شاهه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مڪاني چونڊن جي موقعي تي امن امان تي ڪا سوديبازي نه ڪبي. سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مڪاني چونڊن ۾ امن امان جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وڏي وزير چيو ته ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر، لاڙڪاڻي ۾ 26 جون تي مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان امن امان تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي. اجلاس ۾ هن چيو ته پوليس اهڙو پلان ٺاهي ته جيئن ڪو شدت پسند پولنگ اسٽيشن وٽ نه وڃي سگهي، 4 ڊويزنن جي 14 ضلعن ۾ 8724 پولنگ اسٽيشنون قائم هونديون. سندس چوڻ هو ته پولنگ واري ڏينهن هٿيار کڻي گهمڻ تي مڪمل پابندي هوندي. وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي سڀني سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي به هدايت ڪئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو