مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مولانا فضل الرحمان اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو، مريم، بلاول ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

لاهور پي ڊي ايم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو  آهي. جنهن ۾ مريم نواز، بلاول ڀٽو سميت ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا. مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي جاتي امرا رائيونڊ ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ مستقبل جي لائحه عمل ۽ استعيفائن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. جڏهن ته حڪومت کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ لانگ مارچ جي حتمي تاريخ جو فيصلو ڪيو ويندو. پي ڊي ايم جي سربراهي هيٺ اجلاس ۾ چارٽر آف پاڪستان جي منظوري به ڏني ويندي. پارٽي اڳواڻ پي ڊي ايم جي مستقبل جي حوالي سان قدمن تي عمل ڪرڻ جو به جائزو وٺندا. لانگ مارچ ۾ حڪومت کي گهر موڪلڻ جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ فيصلن وارن عملن تي به غور ڪيو ويندو. اجلاس جي ميزباني پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ڪندي. اجلاس کانپوءِ پي ڊي ايم جي اڳواڻن جي اعزاز ۾مانجهاندي جو به بندوبست ڪيو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو