مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مهراڻ ٽائون فيڪٽري سانحو: ليبر کاتو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ايم سي ۽ ٻيا ادارا ذميوار قرار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري سانحي ۾ فيڪٽري مالڪن سميت سنڌ جا لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار ڏنا ويا آھن، عدالت چيو آهي ته ڪيس ۾ لاڳاپيل کاتن کي شامل نه ڪرڻ متاثرن سان ناانصافي هوندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ فيڪٽري مالڪن جي ضمانت واري درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رهائشي پلاٽ تي غير قانوني فيڪٽري قائم ڪئي وئي. خوفناڪ حادثي ليبر کاتي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي وائکو ڪري ڇڏيو، فيڪٽري ۾ انساني جانيون بچائڻ لاءِ ايمرجنسي سهولت نه هئي، فيڪٽري جو مک گيٽ بند هجڻ سبب 17 انساني جانيون ضايع ٿي ويون. عدالت چيو ته فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو، پاڻي ۽ عملي جي کوٽ به سانحي جو ڪارڻ قرار ڏنو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو