مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ ٽيونجاهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 53 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 258 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. جڏهن ته 53 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 5 لک 97 هزار 497 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب 13 هزار 377 فوتگيون ٿيون آهن. جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 66 هزار 492 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 42 هزار 164 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. سنڌ ۾ 2 لک 60 هزار 406، پنجاب هڪ لک 80 هزار 944 ڪيس، خيبر پختونخواهه 74 هزار 722، بلوچستان ۾ 19 هزار 157، اسلام آباد 46 هزار 576، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 959، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 10 هزار 730 ٿي ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو