مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي باوجود لوشيڊنگ عوام جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽه ۽ راولپنڊي سميت مختلف شهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته ڳوٺن جو حال ته ان کان به وڌيڪ خراب آهي. هر هڪ ڪلاڪ کانپوءِ لوڊشيڊنگ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. حيدرآباد جي ڪجهه علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان بجلي بند رهڻ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. لوڊشيڊنگ جي خلاف مختلف علائقن ۾ مظاهرا به ڪيا ويا. هوڏانهن توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ سسٽم ۾ 1500 ميگا واٽ بجلي شامل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته گذريل 12 ڪلاڪن ۾ ڪٿي به لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، صرف بجلي چوري ڪندڙ علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي سگهي ٿي جڏهن ته مقامي سطح تي ورهاست واري نظام ۾ بريڪ ڊائون تي به بجلي معطل ٿي سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو