مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

معيشت جي بحالي لاءِ پلان تيار، بجيٽ ۾ نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو: شوڪت ترين

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته معيشت جي بحالي لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پلان تيار ڪري ورتو آهي. مهانگائي جو خاتمو اولين ترجيح آهي. بجيٽ ۾ نئون ٽيڪس نه لڳائينداسين. ناڻي واري وزير شوڪت ترين پريس ڪانفرنس جي دوران خطاب ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف رويو هن ڀيري سخت آهي. اسان فوڊ سرپلس ملڪ نه پر غذائي خساري وارو ملڪ بڻجي ويا آهيون. ايندڙ سال 5 سيڪڙو گروٿ ٿي سگهي ٿي ۽ ان سان ايندڙ سال 6 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي. اسان جو سمورو ڌيان معيشت جي گروٿ تي هوندو. اسان جي معاشي ترقي گهڻو وقت نه رهندي آهي. عام ماڻهو لاءِ به اسڪيمون کڻي اينداسين جنهن ۾ روزگار پروگرام به هوندو. اسان وٽ جڏهن به ڊالر ختم ٿيو اسان کي بحران کي منهن ڏيڻو پيو. اسان کي برآمدات ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ته جيئن ڊالر جي ڪمي نه ٿئي. پرڏيهي پاڪستاني عمران خان سان محبت ڪندا آهن جنهن سبب هو ملڪ ۾ پئسا اماڻي رهيا آهن. شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته جيستائين ايف بي آر جو روينيو نه وڌندو. حڪومت قرضي ئي رهندي. اسان کي هر حال ۾ روينيو وڌائڻو آهي. ذخيرو ڪندڙن کي منهن ڏيڻو پوندو. 42 سيڪڙو ملڪ جي دولت بينڪن کان ٻاهر آهي. سموري ملڪ مان پئسا گڏ ٿيندا آهن ۽ 9 شهرن ۾ خرچ ٿي ويندا آهن. امير ۽ غريب لاءِ هڪ جهڙي گروٿ ٿيڻ گهرجي. ڪوشش هوندي ته هاري پاڻ منڊين ۾ اچي پنهنجون جنسون وڪرو ڪن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو