مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مريم نواز کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري به ڪوئيٽا وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هزارا برادري جي ڌرڻي ۾ ڪوئيٽا وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به ڪوئيٽا ويندو ۽ مچ سانحي جي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندو. ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز هزارا برادري جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪالهه ڪوئيٽا وڃڻ جو اعلان ڪيو هو. واضح رهي ته مچ سانحي جي خلاف مظاهرين جو ڪوئيٽا جي باءِ پاس تي ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري آهي. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پهچندڙ حڪومتي ٽيم جون به مظاهرين سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم عمران خان جي ڪوئيٽا اچڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو