مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مخالف ڌر ميمبرز سنڌ اسيمبلي ۾ علامتي جنازي جي کٽ کڻي پهچي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مخالف ڌر پاران سنڌ اسيمبلي ۾ جمهوريت جو علامتي جنازو ڪڍيو ويو، پي ٽي آئي ميمبرن ايوان اندر علامتي جنازي جي کٽ کڻي پهچي ويا ته اسپيڪر سيڪيورٽي وارن کي کٽ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چيو، جنهن تي سيڪيورٽي وارن ۽ پي ٽي آئي مميبرن ۾ کٽ اسيمبلي هال مان ٻاهر ڪڍڻ تي ڇڪتاڻ پڻ ٿي، پي ٽي آئي ميمبر اسپيڪر جي روسٽرم آڏو جمهوريت جي جنازي وارو بينر کڻي احتجاج تي ويهي رهيا ۽ سخت نعريبازي ڪئي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي مخالف ڌر جي ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڏنو، اسپيڪر چيو ته مان ڪنهن جي ڊڪٽيشن نه وٺندس، مخالف ميمبرن جي گوڙ دوران اسپيڪر سوالن جوابن جو وقفو شروع ڪري ڇڏيو. اسپيڪر جي سمجهائڻ باوجود مخالف ميمبر سيٽن تي نه ويٺا، مخالف ڌر جي گوڙ دوران سوال جواب مڪمل ٿي ويا، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو