مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

متاثرن سان همدردي آهي، پر مجبوري ۾ منڇر کي ڪٽ ڏنو: وڏو وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دادو، سيوهڻ ۽ جوهي شهر کي بچائڻ لاءِ منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏنو ويو، ڪوشش ڪنداسين ته جاني نقصان نه ٿئي. صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪٽ کانپوءِ پاڻي 5 يوسين ۾ ويندو، جن ۾ واهڙ، بوبڪ، اراضي، جعفرآباد ۽ چنا متاثر ٿينديون، اتي تقريبن سوا لک ماڻهو رهن ٿا، اهي ويجهن علائقن ۾ منتقل ٿيندا، ڪئمپون به قائم ڪري رهيا آهيون، انهن کي ترسائينداسين، ڪوشش ڪنداسين ته جاني نقصان نه ٿئي، متاثرن سان همدردي آهي، پر مجبوري ۾ ڪٽ ڏنو آهي. هن چيو ته ٻه يوسيون باجارا ۽ جهانگارا اڳ ئي ٻڏي چڪيون آهن، ڪوشش هوندي ته 2010 جيان انڊس لنڪ تي پاڻي روڪيون، ماڻهو موجود آهن، انهن کي مٽيريل ڏينداسين، شهرن کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪشمور کان سمنڊ تائين ساڳي صورتحال آهي، پاڻي جلد گهٽ نه ٿيندو، ايل ايس بچاءُ بند کي به ڪٽ ڏئي سگهجي ٿو، پاڻي منڇر ۽ اڙل هيڊ وٽان ٻنهي پاسن کان درياهه ۾ ڇوڙ ٿئي پيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو