مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

لنڊن مان Bentley ڪار چوري ٿيل ڪار پاڪستان ڪيئن گهرائي وئي؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

لنڊن مان چوري ٿيل Bentley ڪار ڪراچي مان هٿ اچڻ جي معاملي جي جاچ جاري آهي. ذريعن موجب ڪسٽمز کاتي قيمتي ڪار پرڏيهي وزارت جي لکيل خط تي برآمد ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قيمتي گاڏي پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ پرڏيهي وزارت جي منظوري سان هڪ سفير گهرائي، گاڏي اوڀر يورپ جي هڪ ملڪ جي موجوده سفير جي درخواست تي ڪسٽم تحويل ۾ ورتي. ذريعن موجب اڳوڻي سفير قيمتي گاڏي ايگزيمپشن سرٽيفڪيٽ 6021 ذريعي گهرائي. پرڏيهي وزارت جي خط موجب سفير کي ايگزيمپشن سرٽيفڪيٽ 22 نومبر 2019 تي جاري ڪيو ويو، اڳوڻو سفير اليگزينڊر بورسيو سيپٽمبر 2019 ۾ پاڪستان آيو ۽ سيپٽمبر 2020 ۾ واپس گهرايو ويو، موجوده سفير گاڏي جي ملڪيت کان انڪار ڪري ڊي رجسٽر ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته گاڏي ان جي قبضي ۾ ناهي. پرڏيهي وزارت جي خط ۾ چيو ويو ته سفارتخاني درخواست ڪئي ته گاڏي قبضي ۾ ورتي وڃي، ڇو ته غلط استعمال ٿي سگهي ٿي. ذريعن موجب پرڏيهي وزارت جي شروعاتي جاچ تي ٻڌل خط ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم انفورسمينٽ ڪراچي کي ڪارروائي لاءِ لکيو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو