مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قوم ۽ فوج کي ويڙهائيندڙن کي اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو: طاهر اشرفي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

علامه طاهر اشرفي چيو آهي ته جيڪي سمجهن ٿا اهي پاڪستان جي قوم ۽ فوج کي پاڻ ۾ ويڙهائيندا، انهن کي اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو. ڪراچي ۾ پيغام پاڪستان علائقائي امن ڪانفرنس سان خطاب ڪندي طاهر اشرفي چيو ته پيغام پاڪستان امن جو پيغام ڏئي نوجوانن کي دهشتگرد بڻجڻ کان بچايو. هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن فرقي پرستي ۽ نفرت ختم ٿيندي، هڪ مخصوص طاقت چاهي ٿي ته قوم ۽ فوج ۾ ويڇا پيدا ٿين، ڪو غلط فهمي ۾ نه رهي ته قوم جي دل ۾ فوج لاءِ نفرت پيدا ڪري سگهندو. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج خلاف پروپئگنڊا جا پيرا اسرائيل، ڀارت سان ملن ٿا، نوجوان ڄاڻي واڻي پروپيگنڊا جو شڪار ٿي رهيا آهن، غداري ۽ ڪفر جا فتويٰ قبول نه ڪنداسين، ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو