مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فرح گوگي کي پلاٽ الاٽ ٿيڻ واري معاملي تي ايڪشن

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي خاتون اول جي ويجهي دوست فرح گوگي کي فيصل آباد اڪنامڪ زون ۾ صنعتي پلاٽ مبينا غير قانوني الاٽ ٿيڻ واري معاملي تي ايڪشن ٿيو آهي ائنٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم ڪيس داخل ٿيڻ بعد فيڊمِڪ جي اڳوڻي سي اي او رانا يوسف کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سيڪريٽري اسپيشل اڪنامڪ زون ڪميٽي مقصود احمد کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن اختيارين ڪيس ۾ جوابدارن تي فرح گوگي ۽ سندس والده جي ڪمپني کي غير قانوني طور پلاٽ الاٽ ڪرڻ جا الزام هنيا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته جعلي ڪمپني کي 60 ڪروڙ جي ماليت جو پلاٽ سوا 8 ڪروڙ رپين ۾ الاٽ ڪيو ويو. پلاٽ لاءِ فرح جي مڙس احسن جميل گجر 2 ارب رپين جي جعلي گارنٽي ڏني، ائنٽي ڪرپشن کاتي طرفان فرح گوگي ۽ سندس مڙس جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ جاري آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو