مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عوام جو پئسو چوري ڪري حڪومت بچايان ته اهڙي حڪومت تي لعنت آهي: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي اسيمبلي ميمبر پنهنجي ضمير جو سودو ڪري رهيا آهن، عوام جو پئسو چوري ڪري حڪومت بچائڻ کان بهتر آهي ته منهنجي حڪومت هلي وڃي، ضمير جو سودو ڪري رشوت ڏيڻي آهي ته اهڙي حڪومت تي لعنت ٿو وجهان. مالاڪنڊ جي تعلقي درگئي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان وٽ هن وقت ٻه رستا آهن ته چورن جو ساٿ ڏيون يا وري انهن جو، جيڪي 25 سالن کان ڪرپشن خلاف ڳالهائي رهيا آهن، هاڻ فيصلي جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته چور پئسي ذريعي اسان جا ميمبر خريدڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سڄي قوم سامهون ضمير جو سودو ڪيو پيو وڃي، جڏهن سنڌ هائوس ۾ نوٽن جون ٻوريون آنديون وڃن ۽ برائي سڀني جي سامهون اچي وڃي ته الله جو حڪم آهي برائي خلاف ۽ چڱائي سان گڏ بيهو، اهو نه ته نيوٽرل رهو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو