مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان جي زبان کي نه روڪيو ويو ته ملڪ ورهائجي ويندو: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جي زبان کي روڪڻو پوندو نه ته ملڪ ورهائجي ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته عمران خان عوام جي ذهن ۾ زهر ڀري رهيو آهي، ان لاڏلي کي جيڪو ادارن سپورٽ ڪيو، ان جو مثال نٿو ملي. جيڪڏهن نوٽيس وٺي ان کي نه روڪيو ويو ته ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويندو، آئين ۽ قانون موجب ان جي زبان کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته هڪ ڌمڪي کي بنياد بڻائي سازش قرار ڏنو پيو وڃي، ڌمڪي ته هنري ڪسنجر ڀُٽي کي به ڏني هئي، ڌمڪي ته نائن اليون کانپوءِ پرويز مشرف کي به ڏني وئي، ڌمڪي جي تاريخ گهڻي ڊگهي آهي، ڌمڪي مان سازش ڪٿان نڪري آئي؟

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو