مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر سردار موسيٰ خيل جي سربراهي ۾ ٿيندڙ صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي وڏو وزير چونڊجي ويو. مير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جو 18 هون وڏو وزير چونڊيو آهي. سردار موسيٰ خيل ٻڌايو ته عبدالقدوس بزنجو کي بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ 39 ميمبرن ووٽ ڏنا. وڏي وزير چونڊن ۾ جميعت علماءِ اسلام، بي اين پي مينگل ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي حصو نه ورتو. آزاد ميمبر نواب اسلم خان رئيساڻي به وڏي وزير جي چونڊن جي عمل ۾ حصو نه ورتو. جڏهن ته اڳوڻو وڏو وزير ڄام ڪمال خان به نئين وڏي وزير چونڊ وقت ايوان ۾ موجود نه هو. عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جي نئين وڏي وزير جي عهدي جو حلف به کڻي ورتو. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو