مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

صدر، وزيراعظم ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو قدم سنگين غداري جي ذمري ۾ اچي ٿو: سنڌ بار ڪائونسل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ بار ڪائونسل بي اعتمادي رٿ رد ڪرڻ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ بار ڪائونسل موجب قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي غير قانوني عمل جي مذمت ڪريون ٿا. سنڌ بار ڪائونسل چيو ته وزيراعظم اسيمبلي ٽوڙڻ جي غير قانوني ۽ غير آئيني ايڊوائس موڪلي، صدر، وزيراعظم، ڊپٽي اسپيڪر جو قدم سنگين غداري جي ذمري ۾ اچي ٿو. سنڌ بار ڪائونسل مطالبو ڪيو ته چيف جسٽس ادارن ۽ ملڪ کي آئيني بحران کان بچائي. سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ذوالفقار جلباڻي اعلان ڪيو ته موجوده آئيني صورتحال تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته وڪيل ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ ڪنهن جدوجهد کان نه ڪيٻائيندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو