مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري: ٺٽي جِي لکين ايڪڙ زمين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ نه ٿيڻ جو اعتراف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ٺٽي جِي لکين ايڪڙ زمين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ نه ٿيڻ جو اعتراف، روينيو بورڊ عدالت کان 2 مهينن جو وقت گهري ورتو، سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ بابت ڪيس ۾ روينيو بورڊ جي ميمبر ٻڌايو ته زمينن جو رڪارڊ 2007 ۾ سڙي ويو هو، جيڪو اڃان تائين ڪمپيوٽرائزڊ نه ٿي سگهيو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته اوهان 2008ع کان 2 مهينن جي مهلت گهري رهيا آهيو، پر رڪارڊ نٿو ٺهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سنڌ جو روينيو بورڊ ڪرپٽ ترين ادارو آهي، هي رات جو ڀتيون ٺهرائڻ بعد صبح جو ڊهرائي تصويرون ڪڍي عدالت ۾ پيش ڪندا آهن، زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ نه ٿيو ته روينيو بورڊ سميت واڳيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، عدالت طرفان سرڪاري زمين تان فوري طور قبضا ختم ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو