مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي نااهلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي نااهلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، اسحاق ڊار جي نااهلي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اسحاق ڊار کي عدالت طلب ڪيو هو، پر هو پيش نه ٿيو. عدالتي ريمارڪس تي اسحاق ڊار جي وڪيل چيو ته سندس موڪل بيمار آهي ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل آهي، کيس اطلاع ناهي ڏنو ويو، تنهنڪري مٿن قانون لاڳو نٿو ٿئي. عدالت چيو ته درخواستگذار نوازش پيرزادو گذريل ٻڌڻي تي به پيش نه ٿيو هو. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته آرڊيننس تحت 2 مهينن کان حلف نه کڻندڙن جي سيٽ خالي سمجهي ويندي. عدالت طرفان درخواست رد ٿيڻ بعد اسحاق ڊار جي بطور سينيٽر ميمبرشپ جي نوٽيفڪيشن روڪڻ وارو معاملو ختم ٿي ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو