مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ ادارن کي نقصان پهچايو پيو وڃي: پرڏيهي وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن ٻڏتر جو شڪار آهي جڏهن ته اسان آئين جي تشريح لاءِ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان وٽ گهڻي اڪثريت نه هئي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جمهوريت جو راڳ ڳائيندا رهندا آهن ۽ ٻئي پارٽيون اوپن ووٽنگ جو مطالبو ڪنديون رهيون آهن، پر اڄ ٻئي پارٽيون پنهنجن واعدن کان هٽندي نظر اچي رهيون آهن. هن چيو ته ٻئي پارٽيون اڄ به ڪرپٽ پريڪنسز کي تحفظ ڏيڻ چاهين ٿيون. مخالف ڌر ٻڏتر جو شڪار آهي ۽ چون ٿا ته اوپن بيلٽنگ تي اسان کي ووٽ ملندا. جڏهن ته ٻئي طرف چون ٿا ته اسان عدالتن ۾ وينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جا مفاد هڪ طرف آهن ۽ انهن جي سياست ٻئي طرف. اسان اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ اسپيڪر جي چيمبر ۾ سيٽون به ڏنيون. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر وضاحت ڪئي آهي ته انهن کي بنا ڪنهن سبب جي سياست ۾ نه گهليو وڃي ڇو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي دڪان چمڪائڻ جي لاءِ ادارن کي بنا ڪنهن سبب جي تنقيد جو نشانو بنائي رهيا آهن. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته جبل چاڙهنُ جي ڳولا لاءِ پاڪ فوج ۽ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. آئس لينڊ جي پرڏيهي وزير سان رات ڳالهه ٻولهه ٿي هئي اسان کين باخبر رکندا پيا اچون بدقسمتي سان جيئن وقت گذري رهيو آهي اسان نااميدي طرف وڃي رهيا آهيون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو