مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، دوڙ ۾ ڊولو مائينر جي آبادگارن لياري روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، باڊھه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ آهي جنهن خلاف آبادگارن پاران درگاهه چوڪ کان ريلي ڪڍي آبپاشي کاتي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو، قبو سعيد خان ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ۾ غلام نبي چنو، خادم حسين جمالي، غلام مصطفيٰ بروھي، محمد علي کوسو ٻين ڪئي، گاجي کهاوڙ ۾ مڱيو شاخ، کهاوڙ شاخ، ميرواهه جي آبادگارن طرفان بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميهڙ ۾ به ايس يو پي ۽ ڪڪول واهه آبادگار جدوجهد ڪاميٽي پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، آبادگارن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ورتي آهي، فصل سڙي تباهه ٿي رهيا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو