مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ ٻاويهه اپريل کان عملي طور تي تعليمي عمل بحال ٿيندو: سعيد غني

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ 22 اپريل کان عملي طور تي تعليمي عمل بحال ٿيندو. سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني تعليمي ادارن بابت وفاق جي اعلان کانپوءِ چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي اڳ ئي اعلان ڪيو هو ته پهرين کان اٺين ڪلاس تائين عملي طور تي تعليمي عمل معطل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 22 اپريل کان سڄي سنڌ ۾ عملي طور تي تعليمي عمل بحال ٿيندو، پر جيڪڏهن الله نه ڪري صوبي جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ ٿئي ٿي ته اتي جي ضلعي انتظاميه ان ضلعي جي حوالي سان فيصلو ڪري سگهندي. سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته هن وقت صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال قابو ۾ آهي ۽ سنڌ ۾ ڪوبه مخصوص ضلعو متاثر نه ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 2.6 سيڪڙو آهي ۽ صوبي ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين جو تعليمي عمل بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندو. سعيد غني چيو ته نائين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس جا امتحان شيڊيول موجب ٿيندا ۽ بنا امتحان ڏيڻ جي ڪنهن کي به پروموٽ نه ڪيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو