مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ سڀاڻي کان گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

موسميات کاتي موجب ملڪ جي مٿانهن ۽ وچولن علائقن ۾ برساتن جو امڪان آهي، سومر کان تيز برساتن جو سلسلو داخل ٿيندو. موسميات کاتي جي ايڊوائزري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سسٽم تحت ڪراچي ۾ 21 کان 22 جون تائين تيز هوائون گهلنديون، طوفان ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. سکر، لاڙڪاڻي، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، شهيد بينظير آباد، دادو، ڄامشوري ۽ حيدرآباد ۾ به برسات پوندي. سومر کان 22 جون وچ ۾ اسلام آباد، خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ ڪشمير ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي. ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته مسافر ۽ سياح موسم ۾ وڌ کان وڌ محتاط رهن ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو