مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ضمني چونڊ جي لاءِ ووٽنگ شروع

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ضمني چونڊ جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي جون 2 جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي ضمني چونڊ جي لاءِ چونڊ جو عمل جاري آهي جيڪو شام جو 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. اميدوارن طرفان ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ جو عمل سست هجڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن، پر اڃان تائين ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي اطلاع ناهي ملي. پي ايس 88 ملير: 2 ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 88 ملير 2 گلستان جوهر، ايئرپورٽ، سچل، ملير سٽي، ملير ڪينٽ ۽ ميمڻ ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي علائقن تي ٻڌل آهي. ان تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ هڪ لک 45 هزار 627 آهي. هي سيٽ پيپلز پارٽي جي غلام مرتضي بلوچ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. هن سيٽ تي پيپلز پارٽي جو يوسف بلوچ، تحريڪ انصاف جو جان شير جوڻيجو ۽ ايم ڪيو ايم جي ساجد احمد سميت ٻيا آزاد اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، پر اصل مقابلو پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو