مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نيب پراسيڪيوٽر تي ڪاوڙ جو اظهار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب جاچ، طريقيڪار، قاعدا ۽ ضابطا جوڙڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان دوران عدالت نيب پراسيڪيوٽر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته 22 سالن کان نيب رولز جي بنا ڪم ڪري رهيو آهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇيو ته نيب جيڪي ليٽر لکيا آهن، اهي ڪٿي آهن؟ جنوري 2020 کان درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي اڃان تائين جواب جمع ناهي ڪرايو ويو. ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع نه ڪرايو ويو ته ڏنڊ هڻنداسين. ان موقعي تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل پاڪستان چيو ته 15 کان 20 ڏينهن جو وقت ڏيو. تفصيلي جواب جمع ڪرائينداسين. پوءِ عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو