مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سعيد غني خلاف الزام، حليم عادل شيخ ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ نجي ٽي وي خلاف صوبائي وزير سعيد غني جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت حليم عادل شيخ ۽ ٽي وي جي مالڪن ۽ رپورٽرن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت سمورن جوابدارن کي هڪ هڪ لک رپين جو زر ضمانت جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏيئي ڇڏيو. عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته زر ضمانت جمع نه ڪرائڻ تي جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. صوبائي وزير سعيد غني مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ نجي ٽي وي خلاف ڏنڊ جا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو