مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست، مخالف ڌر ڪامياب، جي يو آءِ (ف) کي سرسي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست، مخالف ڌر ڪامياب، جي يو آءِ (ف) کي سرسي. خيبر پختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي جي چونڊ عمل مڪمل ٿيو، جن ۾ پشاور، نوشهره، چار سده، مردان، صوابي، ڪوهاٽ، خيبر، مهمند، هنگو، بنون، ڪرڪ، لڪي مروت، ڊيرا اسماعيل خان، هري پور، بونير، ٽانڪ ۽ باجوڙ شامل آهن. هن وقت تائين غير تصديق ٿيل ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 64 مان 53 سيٽن جا نتيجا اچي چڪا آهن. جميعت علماءِ اسلام (ف) 18 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جنهن ۾ 16 تحصيل چيئرمين شامل آهن. مولانا جي پارٽي ڪوهاٽ ۽ پشاور مان ميئر جي چونڊ کٽي ورتي آهي. مڪاني چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ٻئين نمبر تي آهي، صوبائي حڪومت هجڻ باوجود اڃان تائين ڪوبه ميئر جي چونڊ نه کٽي سگهيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو