مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حڪومت 7 مھينن ۾ 13 ارب ڊالرز جا غير ملڪي قرض ورتا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اقتصادي معاملن واري وزارت موجب ھلندڙ مالي سال جي شروعاتي 7 مھينن دوران حڪومت 13 ارب ڊالرن جي ماليت جا غير ملڪي قرض ورتا. جڏھن ته قرضن جي اھا پکيڙ گذريل مالي سال جي انھيءَ مدي مقابلي ۾ 5.4 ارب ڊالر (70 سيڪڙو) وڌيڪ آھي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ جا انگ اکر ظاھر ڪن ٿا ته نئين پاڪستان سرٽيفڪيٽ تحت بلند شرح وياج تي 1.3 ارب ڊالر (7 سيڪڙو) ۽ رپين ۾ (11 سيڪڙو) حاصل ڪيا ويا. نون غير ملڪي قرضن مان 82 سيڪڙو بجٽ خسارو پورو ڪرڻ ۽ زر مبادله جا ذخيرا برقرار رکڻ لاءِ حاصل ڪيا ويا، جنھن جي نتيجي ۾ ھلندڙ مالي سال جولاءِ کان جنوري تائين حاصل ڪيل غير ملڪي قرضن جو مجموعي حجم 13.1 ارب ڊالرز تائين پھچي ويو.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو