مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حڪومت هر شعبي ۾ ناڪامي لڪائڻ لاءِ ميڊيا جو گلو دٻائي رکيو آهي: بلاول ڀٽو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد صحافت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت هر شعبي ۾ پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامين کي لڪائڻ خاطر ميڊيا جو گلو دٻائي رکيو آهي. ميڊيا مٿان لاڳو ڪيل اعلانيل ۽ غير اعلانيل پابنديون ختم ڪيون وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت آزاد صحافت مٿان پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن. پاڪستان ۾ آزاد ميڊيا کي دٻائڻ قوم کي سخت نقصان پهچائڻ آهي. ڪيترن ئي غير جانبدار صحافين ۽ اينڪر پرسن کي زبردستي ٽي وي اسڪرينن تان هٽايو ويو آهي. هاڻ اهي صحافي پنهنجي غير جانبدارانه تجزين ۽ تبصرن جو اظهار سوشل ميڊيا تي ڪندا آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي دور ۾ ڪاري قانون جو خاتمو ڪيو جيڪي ضياءُ الحق صحافت تي لاڳو ڪيا هئا. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ آزاد ميڊيا کي دٻائڻ سان قوم کي سخت نقصان پهچندو آهي. اهو عمل عوام جي جائز ڪاوڙ ۽ مايوسي جي باهه تي وڌيڪ پيٽرول هارڻ جي برابر هوندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ميڊيا مٿان پابندين جي خلاف جدوجهد جاري رکندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو