مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حڪومت نواز شريف جي لنڊن مان واپسي نٿي چاهي: احسن اقبال

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت چاهي ٿي ته نواز شريف لنڊن مان واپس نه اچي. خانگي چئنل سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت پهريان نواز شريف کي وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ پوءِ ڊرامو ڪيو. هن چيو ته وزيرن کي سڀني کان وڌيڪ جلدي نواز شريف جو پاسپورٽ رد ڪرڻ جي آهي. هي نٿا چاهين ته اڳوڻو وزير اعظم پنهنجي ملڪ واپس اچي. احسن اقبال چيو ته نيب لنڊن ۾ ڪيس هارائي وئي آهي. نواز شريف جي اثاثن جي جاچ پڙتال دوران 4 ارب رپيا ٻڏي ويا. هن جو چوڻ هو ته ايتري ماليت جا فليٽ به ناهن جيترا پئسا خرچ ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو هو ته 16 فيبروري تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پاسپورٽ رد ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته گهرو صلاحڪار شهزاد اڪبر به چيو آهي ته نواز شريف جي پاسپورٽ جو مدو فيبروري جي ٻئين هفتي ۾ ختم ٿي رهيو آهي ۽ ان کي رينيو ڪرڻ جي لاءِ نواز شريف کي پاڻ درخواست ڏيڻي پوندي. هن چيو ته نواز شريف جي درخواست کانپوءِ ئي حڪومت فيصلو ڪندي پر امڪان آهي ته نواز شريف پاسپورٽ ٺهرائي ڪنهن ٻئي ملڪ وڃي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو