مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تنزيلا قمبراڻي جو سنڌ جي باصلاحيت نياڻين ۽ نوجوانن لاءِ نئين پراجيڪٽ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت وڏي وزير جي خاص مددگار تنزيلا ام حبيبه باصلاحيت نوجوانن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ نئين پراجيڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙو اعلان هن پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا گروپ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. تنزيلا ام حبيبه چيو ته سنڌ جي نياڻين ۽ نوجوانن سميت سڄي ملڪ جي آءِ ٽي ۾ هوشيار شاگردن لاءِ نئين منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهيان، جنهن تحت انهن کي آءِ ٽي کاتي طرفان پراجيڪٽ ڏنا ويندا، انهن ذريعي هو وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ سان گڏ ملڪ جو نالو روشن ڪندا. هن چيو ته مقامي عورتن جي رلي سميت هٿ جي ٻئي هنر کي به آءِ ٽي ذريعي دنيا سان ملائي سندن ڪم کي اجاڳر ڪيو ويندو، ان لاءِ ننڍا ننڍا ڪورس به ڪرايا ويندا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مذهبي عبادتگاهن تي ڪئميرائون لڳائڻ واري ڪم تي ڪجهه مذهبي ڌرين جا خدشا آهن، انهن جي حل لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوششون ڪيون پيا، جلد ئي مذهبي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري گهرجون ضرور پوريون ڪنداسين ۽ ان بعد عبادتگاهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪئميرائون لڳايون وينديون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو