مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تبديلي سرڪار عوام تي عذاب نازل ڪري ڇڏيو، 2021 مهانگو ترين سال ثابت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڳڻپ واري کاتي موجب 2021 عوام جي لاءِ تبديلي سرڪار جو سڀ کان مهانگو سال ثابت ٿيو، ان سال ۾ ضروري شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي. وزير اعظم عمران خان ۽ وزيرن جون وڏيون وڏيون دعوائون، تقريرون ۽ بيان ڪجهه به ڪم نه آيا، عوام کي مهانگائي جي شڪل ۾ اهڙا تحفا ڏنا ويا جو هر طرف مهانگائي جي ڪهاڻي آهي. تاريخي مهانگائي جي ڪري عوام وڏي عذاب ۾ مبتلا رهيو، هر مهيني مهانگائي جي وڌندڙ شرح نومبر ۾ 11.5 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي، ائين مهانگائي 2021 کي الوداع ڪيو. انگن اکرن موجب فيبروري 2021 دوران مهانگائي جو پارو 8.7 سيڪڙو ۽ مارچ ۾ 9.1 سيڪڙو تائين پهچي ويو، پوءِ اپريل ۾ شرح سال جي ٻي بلند ترين سطح 11.1 سيڪڙو تي پهتي، ڳالهه اتي ختم نه ٿي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر نومبر ۾ مهانگائي سال جي بلند ترين سطح 11.5 سيڪڙو تي پهچي وئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو