مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بجيٽ جي منظوري بعد پي ٽي آءِ تماشو ڪيو، اسپيڪر کي انتهائي غير مناسب رويي تي ايڪشن کڻڻ جو حق آهي: وڏو وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي ته بجيٽ جي منظوري بعد پي ٽي آءِ تماشو ڪيو، اسپيڪر کي انتهائي غير مناسب رويي تي ايڪشن کڻڻ جو حق آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي پابندي پيل ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ زوري داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ۽ انتظاميا سان بدتميزي ڪئي وئي، اسيمبلي ميمبرن کي اهڙيون حرڪتون نٿيون سونهن، حڪومت چاهي ٿي ته اسيمبلي جي ڪارروائي هلي، گذريل ڏينهن واري اجلاس ۾ 5 مان 3 اپوزيشن پارٽيون موجود هيون، پي ٽي آءِ وارا پاڻ ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته سندن مقصد ڪهڙا آهن؟. سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين تي نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ فرد جرم جِي ڪارروائي 28 جولاءِ تي ملتوي ڪئي وئي آھي، اسلام آباد جِي احتساب عدالت ۾ ڪيس جِي ٻڌڻي دروان وڏو وزير مراد علي شاهه پيش ٿيو، ريفرنس ۾ شريڪ جوابدارن جِي غيرحاضري سبب فرد جرم واري ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيندڙ جوابدار جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا، اشتهاري جوابدار محمد علي جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو عمل شروع، نيب اختيارين عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو