مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايف آءِ اي دعا زهريٰ جي گمشدگي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني گولڊن ٽائون ۾ گهر ٻاهران گم ٿيندڙ 14 ورهين جي دعا زهريٰ جي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي سربراهه عمران رياض ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، ايف آءِ اي جي چار رڪني ٽيم دعا جي وارثن سان ملاقات پڻ ڪئي. ايف آءِ اي جي ٽيم ۾ فرانزڪ ايڪسپرٽ، انويسٽيگيشن آفيسر ۽ نفسياتي ماهر شامل آهن. ايف آءِ اي جي 4 رڪني ٽيم دعا جي گهر جو دورو ڪيو، سائبر ڪرائيم سرڪل سنڌ جي سربراهه عمران رياض موجب ٽيم متاثرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ڇوڪري جي سوشل ميڊيا هسٽري، آن لائين گيم جا تفصيل حاصل ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته انٽرنيشنل ميلنگ سروس سان هنگامي بنيادن تي رابطو ڪيو ويو آهي، ٽيم ڪمپني سان ڊوائيس جي چرپر جي تفصيلن لاءِ به رابطو ڪيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو