مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

امن بحال کپي، ڪم نه ڪندڙ پوليس آفيسرن کي ڊيوٽي تان فارغ ڪرڻ جي ھدايت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آھي ته بولٽن مارڪيٽ ڌماڪو ڪراچي ۾ ٿوري عرصي اندر دهشتگردي جو ٽيون واقعو آهي، دهشتگردي جي نئين لهر کي مڪمل ختم ڪرڻو آهي. وڏي وزير جي صدارت ھيٺ امن امان بابت اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري ۽ حساس ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ امن خراب ڪرڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي کي مڪمل طور چِٿڻو آهي. مراد علي شاھ چيو ته پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارا گڏجي رٿابندي ڪن، اسان کي نتيجا گهرجن، پوليس کي جيڪي به آفيسر گهرجن، اُهي کنيا وڃن، جيڪو ڪم نٿو ڪري، اُن کي فارغ ڪريو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو