مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسڪول جي ٻارن لاءِ ڪهڙو ماسڪ ضروري آهي؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ آمريڪا جي بيمارين تي ڪنٽرول ۽ روڪٿام واري مرڪز (سي ڊي سي) ۽ آمريڪن اڪيڊمي آف پيڊيا ٽرڪس (اي اي پي) ٻنهي ادارن ٻن سالن کان مٿي عمر وارن ٻارن کي اسڪول ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو آهي. سي ڊي سي موجب هڪ اهڙي ماسڪ جو استعمال ڪيو وڃي جيڪو ڌوئڻ ۽ ساهه کڻي سگهڻ جهڙي ڪپڙي تي ٻن تهن تي مشتمل هجي ۽ ان ۾ نڪ جي ڪلپ به ٺهيل هجي ته جيئن نڪ ۽ منهن کي صحيح طريقي سان ڍڪي سگهجي ۽ ڪا به وٿي نه رهي. ڪجهه ماهرن سڀ کان خطرناڪ ڊيلٽا وائرس جي ڪري اين 95 يا ڪي اين 95 استعمال ڪرڻ جو مشورو به ڏنو آهي. تنهن هوندي به ٻارڙن جي لاءِ ماسڪ جي چونڊ جي حوالي سان اهم ڳالهه اها آهي ته انهن جي لاءِ اهڙو ماسڪ ڳوليو وڃي جنهن ۾ ٻار آرام محسوس ڪري ته جيئن اهو ان کي اسڪول ۾ سڄو ڏينهن پهري سگهي. اهو ماسڪ مناسب طريقي سان فِٽ هجڻ گهرجي تنهنڪري ٻارن جي سائز جا ماسڪ وٺي انهن کي ماسڪ پهرڻ جو عادي بڻايو وڃي. جيڪڏهن توهان جو ٻار عينڪ استعمال ڪندو آهي ته ان کي ايڊجسٽ ايبل نوز پن وارو ماسڪ استعمال ڪرايو ته جيئن شيشن تي گهِم نه اچي ۽ ٻار ڏسڻ جي پريشاني کان بچي سگهي. اي اي پي جي اسڪولن واري ڪونسل هيلٿ جي سربراهه سارا بوڊي چيو آهي ته اها رڳو انهن ماسڪن کان روڪيندي آهي ته جيڪي ويڪرا ۽ ڍرا هوندا آهن ۽ ڳچي جي چوڌاري پائڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن انهن کي ٿوري ٿوري دير ۾ گهڙي گهڙي نڪ ۽ منهن تي پائڻو پوندو آهي. هن چيو ته هڪ ڀيرو جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ٻار لاءِ صحيح ماسڪ ملي وڃي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته ٻار ان کي صحيح طريقي سان پائي ۽ لاهي سگهن ٿا. ماهرن چيو آهي ته ٻارن کي سمجهايو ته ماسڪ پهري ان کي لاهڻ کانپوءِ پنهنجا هٿ ڌوئي ڇڏين ۽ ماسڪ پهرڻ وقت ان کي ڇهڻ کان به پاسو ڪن، ماسڪ کي لاهڻ وقت ان کي پٺئين پاسي کان ڇڪي لاهڻ گهرجي ۽ اڳيان واري تهه کي ڇُهڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو