مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

احتساب عدالت خواجه آصف کي ڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ احتساب عدالت خواجه آصف کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ليگي اڳواڻ کي 22 جنوري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب احتساب عدالت جي ايڊمن جج جوادالحسن خواجه آصف جي جسماني رمانڊ تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. خواجه آصف جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته خواجه آصف نيب راولپنڊي کي باقاعده سمورن سوالن جا جواب ڏئي چڪو آهي. ڪاروبار ڪرڻ قانوني طور تي هر ماڻهو جو حق آهي، قانون ان جي اجازت ڏئي ٿو. نيب طرفان سياسي ڪيس ٺاهيو ويو آهي. عدالت کي استدعا آهي ته جڊيشل رمانڊ تي خواجه آصف کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو