مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

احتساب عدالت خواجه آصف کي چوڏنهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

احتساب عدالت خواجه آصف کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. نيب پراسيڪيوٽر عاصم ممتاز خواجه آصف کي چوڏنهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته خواجه آصف کان آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي. خواجه آصف چيو ته اڳ مون کان راولپنڊي ۾ پڇا ڳاڇا ٿي اتي مون کان ڪجهه نه مليو ته هاڻ لاهور موڪليو ويو آهي. جنهن تي جج جوادالحسن چيو ته هي پهريون رمانڊ آهي ان لاءِ نيب جي استدعا منظور ڪري ٿا وٺون. عدالت خواجه آصف سان گهر ڀاتين ۽ وڪيلن جي ملاقات ڪرائڻ ۽ گهر جو کاڌو ڏيڻ جو به حڪم ڏنو. احتساب عدالت خواجه آصف کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪندي چيو ته 14 جنوري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته منهنجي گرفتاري جي پٺيان عمران خان جو هٿ آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو