مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

احتساب عدالت خواجه آصف جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو، هڪ ڏينهن لاءِ نيب حوالي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

احتساب عدالت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف جو راهداري رمانڊ منظور ڪندي هڪ ڏينهن لاءِ کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار ليگي اڳواڻ خواجه محمد آصف کي راهداري رمانڊ جي لاءِ احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي آڏو پيش ڪيو. عدالت خواجه آصف جو راهداري رمانڊ منظور ڪندي کيس سڀاڻي تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. خواجه آصف کي گذريل رات نيب لاهور گرفتار ڪيو هو ۽ ان جو راهداري رمانڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ هاڻ نيب لاهور منتقل ڪيو ويندو. کيس رات طبي معائنو ڪري نيب راولپنڊي جي آفيس ۾ رکيو ويو هو. پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته ٻن سالن کان ڪيس ڀڳتي رهيو آهيان. پر نوازشريف جي بيانئي سان گڏ بيٺل آهيان. مون کي چيو پيو وڃي ته نواز شريف کي ڇڏي ڏيان. اڍائي سالن کان پارٽي کان ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. واضح رهي ته نيب لاهور خواجه آصف جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو