مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آڊيو ليڪس معاملو: قومي سلامتي ڪميٽي ۾ اهم فيصلا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ آڊيو ليڪس جي معاملي تي جاچ لاءِ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي. پڌرائيءَ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيرن، سروس چيفن ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين شرڪت ڪئي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس آڊيو ليڪس جي معاملي تي غور ڪيو ۽ ڳجهن ادارن جي سربراهن طرفان وزيراعظم هائوس ۽ اهم هنڌن جي سيڪيورٽي تي بريفنگ ڏني وئي. پڌرائيءَ موجب سائبر اسپيس ۽ ان بابت ٻين رخن تي تفصيلي بريفنگ ۾ چيو ويو ته سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ آڊيوز جي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي بابت ڪجهه رخن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ ان جي تدارڪ لاءِ فول پروف انتظامن بابت ٻڌايو ويو. ڪميٽي مشاورت کانپوءِ سائبر سيڪيورٽي بابت ”ليگل فريم ورڪ“ جي تياري جو فيصلو ڪيو، قانون ۽ انصاف واري وزارت کي سائبر سيڪيورٽي بابت ليگل فريم ورڪ جي تياري جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪميٽي آڊيو ليڪس معاملي تي جاچ لاءِ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري به ڏني، جنهن جو سربراهه راڻا ثناءُ الله هوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو