مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن جي مستقلي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري تعليم کان جواب طلب ڪري ورتو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن جي مستقلي بابت درخواست تي سيڪريٽري تعليم کان جواب طلب ڪري ورتو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري تعيلم ۽ هيڊ ماسترن جو وڏو انگ عدالت پهتو، عدالت سيڪريٽري تعليم کان پڇاڻو ڪيو ته جڏهن استادن امتحان پاس ڪيو آهي ته کين مستقل ڇو نه پيو ڪيو وڃي، سيڪريٽري تعيلم ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته 17 هين گريڊ جي مقرري پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿيندي، جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته استادن ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، هاڻ کين ڇا ڪرڻ گهرجي؟ درخواستگذار استادن موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان وٺڻو آهي ته اسان ان لاءِ به تيار آهيون، عدالت سيڪريٽري تعليم کي استادن جَي مامري تي وچ جو رستو ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو