مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

بلاگ

عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ حڪمران طبقي جو آخر احتساب ڪير ڪندو؟

عام چوڻي آهي ته محنت ۾ عظمت هوندي آهي، پر جنهن ملڪ ۾ اسين رهون ٿا ان ملڪ جي محنت ڪش ماڻهن جي ڪمائي ۾ ڪابه برڪت ئي نه آهي. يعني هاري، مزدور جيڪي ملڪ جي معيشت جا ڦيٿا سمجهيا ويندا آهن انهن ويچارن وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ جي به وصيت نه هوندي آهي، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ هاري، مزدور جي اجرت پاڪستان جي سترهين گريڊ جي آفيسر جي برابر هوندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ بنيادي سڀ سهولتون به انهن کي ميسر هونديون آهن، سڌريل ملڪن جا هاري، مزدور پنهنجي خود ڪفيل زندگي بسر ڪري رهيا آهن، پر اسان جي ملڪ پاڪستان جي هاري، مزدور جي زندگي هميشه مفلسي ۽ پريشاني ۾ گذري رهي آهي، هن ملڪ ۾ هارين، مزدورن کان ٽيڪس ته ورتي وڃي ٿي، پر انهن کي بنيادي سهولتون جهڙوڪ: بيماري ۾ علاج جي سهولت، پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت، تعليم جي سهولت، نيڪاسي آب، روڊن رستن، بجلي ۽ گئس جي سهولت کان به محروم رکيو وڃي ٿو. جنهن ملڪ ۾ چورن ۽ لٽيرن جي بادشاھت هجي اتي غريب جي ڪابه حيثيت نه هوندي آهي.

بلاگ

سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ اسيمبلي متحد ٿي وئي

سنڌ اسيمبلي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي پاڻيءَ واري حق جي حفاظت لاءِ قررداد پاس ڪئي آهي، هن دفعي اها قرارداد اسيمبلي گڏيل طور پاس ڪئي آهي. پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ پڻ سنڌ جي پاڻيءَ واري حق جي حفاظت جي لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته اها هڪ تاريخي قرارداد آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سمورن اسيمبلي ميمبرن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. پارٽي سياست کان هٽي ڪري اسان کي محسوس ٿئي پيو ته هنن ميمبرن پاڻ کي سنڌ جي عوام اڳيان سرخرو ڪيو آهي.

بلاگ

مصور ڪٿا: ذوالفقار علي رند

ھند ۽ سنڌ ۾ مقبوليت رکندڙ تاريخي شڪارپور جيڪو برصغير ۾ خاص اهميت رکندو آهي، انھيءَ خاص اهميت رکندڙ ضلعي جو ھڪ خوبصورت حصو ميان جو ڳوٺ شھر به آھي، جنھن جو ھر ماڻھو صوفي صفت رکندڙ آھي. ميان جو ڳوٺ شھر فن تعمير جي حوالي سان پڻ اھميت رکندڙ آھي، جنھن ۾ عاليشان، عمارتون، حويليون، آشيانه، دريون، دروازا تاريخ جي سونھري وقت جي مختلف ڪھاڻين جو ڏس پتو ڏين ٿا جيڪو ھڪ ثقافتي ورثو آھي،

بلاگ

همتِ مردان، مددِ خدا…!

ڪڏھن ڪڏھن اوھان کي ماڻھن جي ڳالھين ۽ روَين مان تمام گھڻي تڪليف پھچندي آھي ۽ وقتي طور اوھان کي ڏک به ٿيندو آھي، پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اوھان کي اڳتي اچڻ لاءِ اھي ڳالھيون ۽ روَيا ئي مجبور ڪندا آھن انھن ماڻھن کي ثابت ڪري ڏيکارڻ ته اوھان به ڪجھ ڪري سگھو ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪڏھن ڪڏھن انسان سُستي جو مظاھرو ڪندي بس سٺي وقت جو ئي انتظار ڪندا آھن، پر جڏھن ڪنھن جي طرفان مليل طعنا يا تڪليف رسائيندڙ ڳالھيون ذھن تي طاري ٿينديون آھن ته اوھان جوش ۽ جذبي سان ڪوشش ڪرڻ شروع ڪندا آھيو.

بلاگ

ڪراچيءَ کان بدين تائين (حصو ٻيون)

اسان درگاهه جو ديدار ڪري وري اڳتي جي سفر خاطر سجاول طرف موٽ کاڌي، هتي اهو لکڻ به لازمي آهي ته سجاول کان چوهڙ تائين رستي جي ٻنهي پاسن کان رڳو سورج مکيءَ ۽ وونئڻن جي پوک هئي ۽ هن روڊ تي ٽريفڪ جو تعداد سوايو هو ۽ ڪراچي کان شاهه يقيق تائين هلندڙ بسون به اچي وڃي رهيون هيون. هتي جي زمينن کي به درياهه جو پاڻي آباد ڪري ٿو، ان هوندي به ڪافي زمين ويران پيل هئي، پر جي حڪومت پنهنجي حصي جو پاڻي پنجاب کي نه ڏئي ته هوند سنڌ جو ويسو به بنجر نه هجي، ايئن اسان ڪچهري ڪندا اچي سجاول پهتاسين.

بلاگ

آءِ ايم ايف ۽ ملڪ جا مالياتي معاملا گهوٽالي جو شڪار

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ سيپٽمبر 2024 لاءِ اجلاسن جو ڪئلينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته بورڊ جو اجلاس به گهرائي ورتو آهي. بورڊ جي اجلاس جون نيون تاريخون 9 ۽ 13 سيپٽمبر آهن ۽ ٻنهي تاريخن تي پاڪستان ايجنڊا ۾ شامل ناهي. جڏهن ته ٻه ٻيا ملڪ ڀوٽان ۽ ناروي شامل آهن. ايگزيڪيوٽو بورڊ جي انهن اجلاسن ۾ انهن ملڪن جي قرضن جي متعلق فيصلو ڪيو ويندو.

بلاگ

تنهنجي نوخيز نگاهن کان…

سيتا روڊ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ داخلا ٿي ته ان دوران دادو هاءِ اسڪول کان استاد احمد شاهه بخاري ٽرانسفر ٿي آيو هو، اهو 1996ع جو زمانو هو. استاد احمد شاهه شاعري جي لحاظ کان “استاد بخاري” جي نالي سان مشهور هو. گهڻو ڪري سندس ڪلام مشاعرن، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ منعقد ٿيندڙ ناٽڪن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ڳايو ويندو هو. ان وقت سندس مشهور ڪلام: “زندگيءَ تي ناهي ڀروسو حُسن کي پوڄي وٺو”، “رستي روڪ نه ڪر او يار”، “مون سان ملندين ته من واهه واهه”، “تون مڃين، مڃين نه مهربان”، “مون ڏي نيڻ نه کڻ” ۽ “دادوءَ ۾ آ جادو” تمام گهڻو ڳايا ويندا هئا. استاد بخاري اسان کي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو هو، پر سندس دسترس ميٿس ۽ جيوميٽري جي سبجيڪٽن تي به هئي

بلاگ

سامڙيءَ جي سام ۾…!

شاعر حسن ”پرست هوندا آهن“ ان ڳالھ جو اندازو بلڪه يقينن، احمد خان مدهوش جي شاعري جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ڀلي ڀت پوي ٿو ته اِها سٽ سچ تي مبني آهي. کيس اسان کان وڇڙئي 14 سال ٿي چڪا آهن، پر لڳي نٿو! ڇو ته هو اڄ به اسان جي محفلن، ميڙاڪن ۽ پروگرامن ۾ اسان سان گڏ ويٺل نظر اچي ٿو، پر ڪن کي نظر اچي ٿو ته ڪن کي نظر نٿو اچي.

بلاگ

ادب جي آڪاس تي چمڪندڙ ستارو

قمر شھباز ھڪ اھڙو نالو جنھن جي اچارڻ سان انساني ڪيفيت ڪيترن ئي رنگن سان سرشار ٿي وڃي ٿي، قمر شھباز صاحب سنڌ، پاڪستان جي هڪ گهڻ رخي ٽيلنٽ، ادب، شاعري، ڊرامي ۽ اسڪرين رائٽنگ جي دنيا ۾ انمول نشان ڇڏي ويو آھي، قمر شهباز جي زندگي سندس تخليقي اظهار جي جذبي جو ثبوت آھي. ھو پنھنجي جذبن احساسن ۽ ڪيفيتن ۾ پيڙھجي سنڌي عوام، سماج جا سور بي راھ رويا، مفلسيءَ جي ماريل ماڻھن جا درد ۽ پيڙائن کي پنھنجي قلم سان پنن تي پکيڙڻ جو ئي ماھر نه ھو, پر ھو ھر صنف ۾ پنھنجو پاڻ ملهائيندڙ ڪردار ھو سندس اظھار جي بلندي بيان ڪندي ننگر چنا صاحب قمر شھباز جون ھي لائينون پيش ڪيون آھن ته ملڪ ۾ هاهاڪار متل هجي، گولي بارود جي بُوءِ ۾ دم گُهٽبو هجي، در دريون بند ۽ رستا ويران هجن، سوچَ تي پَھرا ۽ آزاديءَ تي تيرَ تاڻيل هجن ۽ شاعر گل ۽ بلبل جو داستان کڻي ويھي. عام ماڻهو بُکَ جو بَکُ ٿيندا هجن، ڳڀي جي ڳولا ۾ للنگ لِيلائيندا هجن، معصوم ٻارڙن کي چنڊ ۾ مانيءَ جو عڪس نظر ايندو هجي ۽ شاعر جام و مينا جي ڳالهڙي ڇيڙي ويھي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو