اسان درگاهه جو ديدار ڪري وري اڳتي جي سفر خاطر سجاول طرف موٽ کاڌي، هتي اهو لکڻ به لازمي آهي ته سجاول کان چوهڙ تائين رستي جي ٻنهي پاسن کان رڳو سورج مکيءَ ۽ وونئڻن جي پوک هئي ۽ هن روڊ تي ٽريفڪ جو تعداد سوايو هو ۽ ڪراچي کان شاهه يقيق تائين هلندڙ بسون به اچي وڃي رهيون هيون. هتي جي زمينن کي به درياهه جو پاڻي آباد ڪري ٿو، ان هوندي به ڪافي زمين ويران پيل هئي، پر جي حڪومت پنهنجي حصي جو پاڻي پنجاب کي نه ڏئي ته هوند سنڌ جو ويسو به بنجر نه هجي، ايئن اسان ڪچهري ڪندا اچي سجاول پهتاسين. رستي ۾ ياد آيو ته ڇو نه درگاهه مغلڀين/مگرڀين جو ديدار ڪجي، جنهن جي مزار کي عرس جي موقعي تي کير سان غسل ڏنو ويندو آهي ها ايئن جيئن هندن وٽ به اهڙي رسم آهي جو هو شيولنگ جي مٿان کير هاريندا آهن جيڪو ڪنهن به بکايل ۽ اڃايل جي ڪم نه ايندو آهي ۽ ساڳيو عمل هتي به ٿيندو آهي، وڌيڪ رب ڪريم ئي بهتر ڄاڻي ٿو، باقي سنڌ انهن عقيدن، ريتن ۽ رسمن جي ڪوڙڪيءَ ۾ اڄ جي جديد دور ۾ به ڦٿڪي رهي آهي.