بجليءَ جي اگهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو
نيپرا موجوده سال جي چوٿين ٽماهي جي لاءِ بجليءَ جي قيمت ۾ في يونٽ هڪ رپيو 75 پئسا اضافو ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مالي سال 2023-2024 جي چوٿين ٽماهي جي سلسلي ۾ بجليءَ جي وڌايل قيمتن کي ايڊجسٽ ڪيو آهي، بجليءَ جون وڌايل قيمتون سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر جي بلن ۾ وصول ڪيون وينديون. ملڪ ۾ بجليءَ جون قيمتون عام ماڻهو لاءِ مسئلو رهيون آهن، جو انهن جي ادائگي عام بجلي استعمال ڪندڙ جي وس ۾ نه آهي.