ريخته ڪهاڻي: هڪڙي چاٻي
اڄ صبح کان وٺي، ٽيون دفعو ايئن ٿيو ھو جو پرس مان ڪجھ ڪڍندي، سندس پوئين گهر جي چاٻي ھٿ ۾ چڙهي پئي آئي… سڌير جي گهر جي.
سڌير کي ڇڏئي، سال ٿيڻ وارو ھئس يا ٿي ويو ھئس. ليڪن اڃان تائين به پرس جي کٽ کوٽ ڪندي، اگر اھا چاٻي سندس ھٿ کي لڳندي آهي ته سندس دل چوندي آھي ته ٽيڪسيءَ جو رخ، اوڏانھن ڦيرائي ڇڏي. چئي ڇڏي ٽيڪسيءَ واري کي ته؛ “ايڏانھن نه، ھيڏانھن ھل! مون ھاڻي ھاڻي، مڙس مٽي ڇڏيو آھي.”