مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

بلاگ

عشق جا خطرناڪ قسم ۽ صورتون

عشق کان ڪوبه واندو ناھي ۽ عشق جو اڀياس به ھر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي، ان جي روين ۽ اثرن تي بحث به ٿيندا رهن ٿا. عشق ۾ جدائي واري حالت ۽ احساس کي ناقابل برداشت عمل ۽ سوچ کي سمجهندڙ ماهرن/فيلسوفن “ميسوڪ ازم” چيو آهي. ميسوڪ ازم هڪ سوچ ۽ نظريي جو نالو آهي، جنھن سوچ وارو ماڻهو محتاجي، بيوسي، لاچاري، بي ڪسي ۽ بي سمجهي وارين حالتن جو شڪار رهي احساس محرومي جو اظهار ڪندي هميشه ٻين ۾ پناھ وٺندو آهي. اهڙي عاشق کي ميسوڪسٽ چيو ويو آهي.

بلاگ

ارشد نديم جو گولڊ ميڊل ۽ بلاول ڀٽو جون پارليامينٽ ۾ تجويزون

راندين جي صنعت هڪ تمام وڏي شاندار صنعت آهي، جنهن ۾ تمام گهڻو پئسو موجود آهي. دنيا جا ڪيترائي ملڪ صرف راندين جا مقابلا ڪرائي راندين جا ميدان ٺهرائي ۽ رانديگر پيدا ڪري پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪري رهيا آهن، پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي نوجوان آباديءَ جو انگ 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي، پر حڪومت انهن لاءِ اهڙا ڪي به ادارا نه جوڙيا آهن جتي اهي مختلف رانديون کيڏي ميرٽ تي اڳيان اچي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ۽ ملڪ لاءِ وڏا وڏا ٽائيٽل کٽي سگهن.

خاص

سمرقند (قسط پنجٽيهين)

شيرين مون کي ان دستاويز جو نقل موڪليو هو- اڃان تائين مون وٽ موجود آهي ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن ان کي دل وندرائڻ جي لاءِ ڏسندو آهيان- ان ۾ لڳ ڀڳ 40 کن مردن ۽ عورتن کي ترڪي، جاپاني ۽ آسٽرين لباس پاتل ڪنهن باغ ۾ وڻن جي هيٺان وڇايل غاليچن تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي- تصوير جي ان حصي ۾ جنهن تي سڀ کان پهرين نظر ٿي پوي ان ۾ موسيو نائوس نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي اڇي ڏاڙهي ۽ ڪجهه اڇن ۽ ڪارن وارن جي کچڙي ٿيل مُڇِن ۾ هو سڀن کان ڌار ۽ ممتاز نظر اچي رهيو آهي ايترو جو ڪوبه آسانيءَ سان کيس پرهيزگار مذهبي پيشوا چئي سگهي ٿو- تصوير جي پٺيان شيرين لکيو هو: “ايترن گهڻن ڏوهن کانپوءِ به سزا کان بچيل، معمولي ڏوهه تي شرعي سزا يافتا-”

بلاگ

شھيد نذير عباسي جي ياد ۾

ٽنڊوالھيار سميت سموري سنڌ جي سياست عجيب ٿي ڏسجي اڄ شھيد نذير عباسي جي ورسي جو ڏکوئيندڙ ڏينھن آھي، پر گھڻي ڀاڱي خاموشي درگذري ۽ بي خبري وارو ماحول ٿو ڏسجي. ڇو جو مفاد پرستي پنهنجا مضبوط چنبا کوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب اڪثر سياسي ورڪرن به ھاڻ اھا پراڻي عوامي سياست ڇڏي ڏني آهي. جيڪا اڳ ۾ غريب عوام جو آواز بنجڻ جي لاءِ ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي سياسي ورڪر ۽ دانشور فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي ئي نظر اچن ٿا. ھو خاموش رھڻ پسند ڪن ٿا ۽ پنهنجن پوسٽن تي واھ واھ پسند ٿي ويا آھن. ھنن مان ڳالھائڻ جي سگھ جھڙوڪر ختم ٿيندي وڃي. ھي پنهنجي پارٽي ۾ به تنقيدي پھلو يا سچائي واري ڳالھ ڪرڻ کان قاصر ٿا ڏسجن. ھو پنهنجن اڳواڻن کي عوام جي ڀلائي واسطي بھتر راءِ ڏيڻ ۾ به جھڙوڪر گھٻرائين ٿا.

بلاگ

بلوچ نوجوانن جي بغاوت کي ختم ڪري سگهجي ٿو

بلوچستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان عليحدگي پسند تحريڪون هلي رهيون آهن، جنهن سبب رياست انهن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي رهي ٿي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪي سرحدون غير محفوظ رهيون آهن، پر انهن سرحدي علائقن ۾ بغاوتون وڌنديون رهن ٿيون. اها به حقيقت آهي ته اهي سرحدي علائقا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن، ان ڪري بلوچ عليحدگي پسند گروهن ۽ اتان جي عام خلق کي اها شڪايت آهي ته بلوچستان صوبي جا ماڻهو غريب ترين آهن، جيڪي انهيءَ معدني ڌن دولت کان محروم رکيا ٿا وڃن.

بلاگ

دوست ملڪن جو پاڪستان جي مالياتي شعبي ۾ تعاون

پاڪستان، چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان رهيل قرضن جي مدي ۾ واڌ جي پڪ حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 7 ارب ڊالر قرض جي پروگرام لاءِ انهيءَ پروفائلنگ جي ضرورت هئي. ملڪ جي خزاني واري وزارت چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ قرضن ۾ حاصل ٿيل سهولتن جو اقرار ڪيو آهي ۽ انهيءَ سڄي عمل کان عالمي مالياتي اداري انٽرنيشنل مالياتي فنڊ کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

بلاگ

جيئي لطيف

شاھ سائين جي ايم سيد “پيغام لطيف” ۾ لکي ٿو ته: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن طبقي کي سڀ کان گهڻو ساراهيو آهي، سو سنڌي عوام جو اهو طبقو هو، جنهن جا فرد سنڌي ڳوٺاڻا، خانه بدوش، مال چاريندڙ، ڏٿ تي گذران ڪندڙ، پلا ۽ مڇيون ماريندڙ، کٿا ۽ لويون پهريندڙ، اڌ اگهاڙا، اڌ ڍڪيل، ٻيلن ۽ جهنگن ۾ رهندڙ هئا. شاهه لطيف انهيءَ عوام ۾ سنڌ جو حقيقي روح سمايل ڏٺو.

بلاگ

ڪراچيءَ کان بدين تائين (حصو پهريون)

نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن جو ڪيترن ئي ڏينهن کان شديد انتظار هو. ڇو ته 50 ڏينهن لڳاتار نوڪري ڪرڻ بعد جڏهن 12 ڏينهن جي موڪل ملندي آهي ته انهيءَ ويل ايئن محسوس ٿيندو آهي جيئن ڪنهن ڦاسيءَ جي انتظار ۾ ويهي ڏهاڙا ڳڻيندڙ قيديءَ کي آزاديءَ جو پروانو ملي ويو هجي، ها واقعي به آزاديءَ ۽ غلاميءَ ۾ ڏينهن ۽ رات، سج ۽ چنڊ، موت ۽ زندگيءَ جيترو فرق آهي، پر پوءِ به خبر ناهي ته ڇو ماڻهو آزاديءَ بجاءِ غلاميءَ کي ترجيح ڏين ٿا، ڪاش اسان قبيلا پرست نه پر هڪ قوم هجون ها ته اڄ آزاد هجون ها، مگر هتي ته هڪ قوم جا ڪيترائي رهبر آهن جن جا نظريا، آئين ۽ منشور به جدا جدا آهن جن جو هاڻي ڳنڍجڻ به ناممڪن آهي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو